ارشد محمود

ارشد محمود

ارشد محمود

ارشد محمود: مشھور پاڪستاني فنڪار ۽ موسيقار ارشد محمود 15 مئي 1956ع تي لال دين جي گهر روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم روهڙي ۽ سکر مان حاصل ڪئي. عملي زندگي جي شروعات 1979ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي، ’وينجهار‘ (بعد ۾ پرک) پروگرام وسيلي هن گيت ڳائڻ سان ڪئي. گلوڪار جي حيثيت ۾ ارشد محمود پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾، ٽي. وي ۽ اسٽيج پروگرامن ۾ 2 هزار کان مٿي سنڌي، اردو، پنجابي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ گيت ڳائي چڪو آهي. سندس مشھور فلمي گيتن ۾: ’دیکھا جو چہرا تیرا‘، ’ہو سکے تو میرا ایک کام کرو‘، ’يار ڏاڍي عشق آتش‘، ’سمنڊ ڪناري‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه هن فلمن ۾ پڻ اداڪاري ڪئي جن ۾: ’آج کا دور‘، ’ آنکھیں‘ ۽ ’گلیاں کوچے اور بازار‘ شامل آهن. سندس فن جي مڃتا طور کيس نگار ۽ ٻيا ڪيترائي اوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن.


لفظ ارشد محمودھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو